مائونٽ ايورسٽ

مائونٽ ايورسٽ

ايوريسٽ چوٽي، سيٽلائيٽ تان

ايوريسٽ چوٽي، سيٽلائيٽ تان

مائونٽ ايوريسٽ

مائونٽ ايوريسٽ: تبت ۽ نيپال جي سرحد وٽ، هماليه جبل تي دنيا جي بلند ترين چوٽيءَ جو نالو، جنهن جي اوچائي 8848 ميٽر (29028 فوٽ) آهي. مائونٽ ايوريسٽ کي پار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين جنرل چارلس بروس جي اڳواڻيءَ ۾، 1922ع ۾، مهم جوئي ڪئي وئي. سندس ساٿين مان صرف ٻه ڄڻا، 8323 ميٽرن (27300 فوٽ) جي بلنديءَ تائين پهچي سگهيا. هن چوٽيءَ تي چڙهڻ لاءِ ٻي ڪوشش 1924ع ۾ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ برطانيه جا ٻه رهاڪو، جارج لي ميلوري ۽ اينڊريو آئروائن پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته سندس ساٿين مان ٻه ڄڻا، نارٽن ۽ سمرويل پوري ڪوشش ڪرڻ جي باوجود فقط 8536 ميٽرن (28200 فوٽ) جي اوچائيءَ تائين پهچي سگهيا. ان کان سواءِ دنيا جي هن اوچي چوٽيءَ کي پار ڪرڻ لاءِ 38- 1933ع ۾ پڻ ڪوششون ڪيون ويون، پر ڪوبه هن چوٽيءَ کي پار ڪري نه سگهيو. هن چوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ 1951ع ۾، برطانيه جي ايرڪ شپٽن ۽ 1952ع ۾، سوئزرلئنڊ جي هڪ رهاڪو، چوٽيءَ تي ڏکڻ- اولهه طرف کان، پنهنجي پنهنجي ٽيم سان چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُهي به ايوريسٽ جي آخري بلنديءَ واري هنڌ تي نه پهچي سگهيا. آخرڪار 1953ع ۾، برطانيه جي سر جان هنٽ تاريخي رڪارڊ قائم ڪري، هن چوٽيءَ کي پار ڪيو. هن پوري خبرداريءَ سان چوٽيءَ تي چڙهڻ دوران ارڪٽڪ ۽ ٻين مختلف هنڌن تي ڪئمپون لڳايون. هن آخري ڪئمپ، چوٽيءَ کان هيٺ 335 ميٽرن جي مفاصلي تي هنئي هئي. سر جان هنٽ کان پوءِ 29 مئي 1953ع تي، نيوزيليئنڊ جي ايڊمنڊ هليري ۽ ٽينزنگ نارگي به هن چوٽيءَ کي پار ڪيو. کانئن پوءِ به مختلف ملڪن جي مختلف شخصيتن طرفان هن چوٽيءَ تي چڙهڻ لاءِ ڪامياب ڪوششون ڪيون ويون، جن ۾ جاپان جو جونڪوتبي ۽ نيپال جي اينچ ٽسيرنگ شامل آهن. اينچ ٽسيرنگ، دنيا جي عورتن مان پهرين عورت آهي، جنهن 1975ع ۾، ايوريسٽ جي چوٽيءَ کي پار ڪيو. other resources http://www.mnteverest.net/history.html wikipedia http://en.wikipedia.org/wiki/Mount_Everest


لفظ مائونٽ ايوريسٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.00.00  عيسوي

مائونٽ ايوريسٽ کي پار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين جنرل چارلس بروس جي اڳواڻيءَ ۾ ، 1922ع ۾ ، مهم جوئي ڪئي وئي . سندس ساٿين مان صرف ٻه ڄڻا ، 8323 ميٽرن ( 27300 فوٽ ) جي بلنديءَ تائين پهچي سگهيا .


1953.00.00  عيسوي

آخرڪار 1953ع ۾ ، برطانيه جي سر جان هنٽ تاريخي رڪارڊ قائم ڪري ، هن چوٽيءَ کي پار ڪيو .


1953.05.29  عيسوي

سر جان هنٽ کان پوءِ 29 مئي 1953ع تي ، نيوزيليئنڊ جي ايڊمنڊ هليري ۽ ٽينزنگ نارگي به هن چوٽيءَ کي پار ڪيو


1975.00.00  عيسوي

. اينچ ٽسيرنگ ، دنيا جي عورتن مان پهرين عورت آهي ، جنهن 1975ع ۾ ، ايوريسٽ جي چوٽيءَ کي پار ڪيو .



جبل - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پهاڙ
ٽامڙو2
چندر ڪانت1
ابڙاسيو
راس جبل
ڀوڪرُ
ٻلي ٿڙي
دروت لڪ
ٽگھرو
ٽوڙو
جبل ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون